سنڌي ثقافت ۽ شاهه لطيف

سنڌي ثقافت ۽ شاهه لطيف

سنڌي ثقافت ۽ شاهه لطيف

سنڌي ثقافت ۽ شاهه لطيف (ڪتاب): سنڌ جي ثقافت، سدا حيات شاعر ۽ مفڪر شاهه عبداللطيف جي ڪلام تي لکيل هي ڪتاب ڊاڪٽر شاهنواز سوڍر جو لکيل سنڌ يونيورسٽي ۾ پي. ايڇ. ڊي لاءِ پيش ٿيل مقالو آهي. هن ڪتاب کي ٻن ڀاڱن ۾ ورهايو ويو آهي: پهريون ڀاڱو ٽن بابن تي مشتمل آهي، جنهن ۾ ثقافت جي معنيٰ ۽ مفهوم، سنڌ جي ثقافت ۽ تاريخ جو مختصر جائزو ۽ شاهه عبداللطيف جي سُرن جي تشريح جهڙا مضمون شامل آهن. هن ڪتاب جو ٻيو ڀاڱو ستن بابن تي مشتمل آهي، جنهن ۾ شاهه صاحب جي ڪلام ۾ سنڌ جا جاگرافيائي اهڃاڻ، شاهه جي رسالي ۾ آيل تاريخي اهڃاڻ، شاهه جي رسالي ۾ آيل داستانن جو تاريخي پسمنظر، شاهه صاحب جي ڪلام ۾ مذهبي عنصر، شاهه عبداللطيف جي ڪلام ۾ سياسي اهڃاڻ، شاهه لطيف جي ڪلام ۾ اقتصادي عنصر، شاهه صاحب جي ڪلام جي ٻولي ۽ ان جي فني پهلو تي تفصيلي بحث ڪيو ويو آهي.
470 صفحن تي مشتمل ڊيمي سائيز جو هي ڪتاب شاهه عبداللطيف ڀٽ شاهه ثقافتي مرڪز ڀٽ شاهه، 1991ع ۾ ڇپائي پڌرو ڪيو. هن ڪتاب جو ملهه ڪچي جلد سان 100 روپيا آهي.


لفظ سنڌي ثقافت ۽ شاهه لطيفھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو